نيوزي لينڊ ۾ مسجدن تي فائرنگ ڪندڙ جوابدار آڏو متاثرن جا بيان

ڪرائسٽ چرچ: نيوزي لينڊ جي مسجد ۾ قتل عام جي واقعي ۾ ٻن زندهه بچي ويل ماڻهن ڪرائيسٽ چرچ جي عدالت ۾ حملو ڪندڙ برينٽن تي سڌيءَ ريت ڪاوڙ ڪڍڻ لاءِ پنهنجن بيانن تان هٿ کنيو ۽ جوابدار کي موت جي سزا جو حقدار قرار ڏنو.
برينٽن جيڪو پهريون ڀيرو متاثرن جي آمهون سامهون آيو، تي 15 مارچ 2019 تي ڪرائيسٽ چرچ جي ٻن مسجدن اندر ٿيندڙ حملن ۾ قتل جي 51 الزامن، قتل جهڙي عمل جا 40 ۽ هڪ دهشتگرديءَ جو اعتراف ڪيو آهي.
29 سالن جي نوجوان جنهن جي باري ۾ چيو پيو وڃي ته هو پهريون ماڻهو هوندو جنهن کي نيوزي لينڊ ۾ پهريون ڀيرو بغير ڪنهن پيرول جي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ويندي.
برينٽن ٽيرنٽ جي سزا لاءِ ٻڌڻيءَ جي ٻئين ڏينهن جج ڪيمرون مينڊر جي سامهون مير واعظ وزيري جو چوڻ هو ته ”مونکي هن دهشتگرد جي نظرن ۾ ڪو افسوس ۽ شرم محسوس نه ٿيو تنهن ڪري مون تي پوندڙ اثرن جي حوالي سان بيان کي مون نه پڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي پر هن کي ڏيکارڻ چاهيندس ته مون ڪيتري تڪليف برداشت ڪئي آهي.
هن گورن جي بالادستي جي حمايتي برينٽن ٽيرنٽ ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته ” اڄ تون دهشتگرد آهين ۽ مسلمان دهشتگرد ناهن.“

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔