سلامتي ڪائونسل پاران ايران تي پابنديون بحال ڪرڻ وارو آمريڪي مطالبو رد

نيويارڪ:گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ايران مٿان فوري پابنديون بحال ڪرڻ جي آمريڪي مطالبي کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب آگسٽ ۾ سلامتي ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت انڊونيشيا وٽ آهي.
گڌيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدر آمريڪا طرفان ايران تي عالمي پابنديون فوري بحال ڪرڻ جي قراداد تي چيو آهي ته هن وقت اهڙي صورتحال ناهي جو آمريڪا جي قراداد تي وڌيڪ ڪارروائي ڪئي وڃي.
سيڪيورٽي ڪائونسل جي صدر ايران تي وڌيڪ پابندين جي حوالي سان بيان تي گڏيل قومن ۾ آمريڪي سفير سخت رد عمل ڏيکاريو آهي ۽ ان جي مخالف ملڪن تي دهشتگردن جي مدد جو الزام هنيو.
گڏيل قومن ۾ آمريڪي سفير چيو آهي ته مونکي اها ڳالهه واضح ڪرڻ گهرجي ته ٽرمپ انتظاميا کي ان معاملي ۾ لميٽڊ ڪمپني سان گڏ هجڻ ۾ ڪو خوف ناهي، مونکي صرف ان ڳالهه جو ملال آهي ته سلامتي ڪائونسل جا ٻيا ميمبر پنهنجو رستو وڃائي چڪا آهن ۽ هاڻ هو خود دهشتگردن جي ڪمپني ڳولي رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔