ٽرمپ ٻئي مدي لاء رپبليڪن پارٽي پاران صدارتي اميدار نامزد

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايندڙ صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي جي صورت ۾ هڪ ڪروڙ نوڪرين جو واعدو ڪري ڇڏيو.
نومبر ۾ ٿيندڙ آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ ري پبلڪن پارٽي ڊونلڊ ٽرمپ جي ٻئي مدي لاءِ صدارتي اميدوار طور نامزدگي منظور ڪري ورتي آهي.
ڊونلڊ ٽرمپ طرفان نئين مدي جا هدف به جاري ڪيا ويا آهن ۽ هن واعدو ڪيو آهي ته ٻيهر چونڊجي پهرين 10 مهينن ۾ هڪ ڪروڙ نوڪريون فراهم ڪندس.
آمريڪي صدر موجب مان شهرين لاءِ 10 لک نوان ۽ ننڍي ڪاروبار جا موقعا فراهم ڪندس.
ٽرمپ چونڊ واعدن ۾ ٽيڪس ڇوٽ سميت آمريڪا ۾ روزگار کي محفوظ ڪرڻ جا واعدا ڪيا آهن.
سندس چونڊ واعدن ۾ هن ئي سال ڪورونا ويڪسين جي تياري ۽ ايندڙ سال زندگي معمول تي واپس آڻڻ به شامل آهي.
ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته مان چونڊجي آمريڪا کان ٻاهر جاري جنگين جو خاتمو ڪندس ۽ آمريڪي فوجين کي وطن واپس آڻيندس.
هن پنهنجي پاليسي ۾ چين تي دارومدار ختم ڪرڻ سميت واعدو ڪيو آهي ته پرڏيهي سستي ليبر کي آمريڪي ملازمن تي ترجيح نه ڏني ويندي.
واضح رهي ته آمريڪا ۾ 3 نومبر تي صدارتي چونڊون ٿي رهيون آهن، جنهن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ سان ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو جو بائيڊن مقابلو ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔