آمريڪا ۾ پلازما سان ڪورونا مريضن جي علاج جي اجازت

واشنگٽن: آمريڪي حڪومت بلڊ پلازما سان ڪورونا مريضن جي علاج لاءِ هنگامي اجازت نامو جاري ڪري ڇڏيو.
اها پلازما انهن ماڻهن مان حاصل ڪئي ويندي، جيڪي بيماري لڳڻ کانپوءِ صحتياب ٿي چڪا آهن ۽ جن ۾ ڪورونا وائرس خلاف اينٽي باڊيز پيدا ٿي چڪي هوندي آهي.
پلازما هڪ صديءَ کان وڌيڪ عرصي کان استعمال ڪئي پئي وڃي ۽ ان کي مريضن لاءِ محفوظ سمجهيو ويندو آهي پر اهو واضح ناهي ته ڪورونا مريضن کي موت کان بچائڻ لاءِ اها پلازما ڪيتري قدر اثرائتي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔