ناليواري شاعراحمد فرازجي وڇوڙِي کي 12 ورهيا گذريا ويا

ڪراچي: ملڪ جي ناليواري شاعر احمد فراز جي وڇوڙي کي 12 سال ٿي ويا آهن . احمد فراز 12 جنوري 1931 تي ڪوهاٽ ۾ پيد اٿيو .

شروعاتي تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ هن شعر ۽شاعري ڏانهن لاڙو ڪيو . ڪيترن ئي تعليمي ادارن ۾ تعليمي ماهر طور خدمتون سرانجام ڏنيون.

 احمد فراز هزارين نظم چيا ۽ سندس شاعري جا 14 ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن جن ۾ تنها تنها ، دردِ آشوب ، جانان جانان اي عشق جنون ۽ ٻيا شامل آهن .

احمد فراز جي شاعري جي ڪتابن جو انگريزي،فرانسيسي، هندي،جرمني ۽ٻين ٻولين ۾ ڪيو ويو .

احمد فراز اردو، پنجابي ۽ فارسي ٻولين تي عبور رکندو هو ، عمر جي آخري ڏهاڙن ۾ دل جي تڪليف ۾ مبتلا هو ۽ 25 آگسٽ 2005 تي پنهنجي مالڪِ حقيقي سان وڃي مليو ، سندس شاعري اڄ به هن جي ياد ڏياري ٿي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔