وفاق بجلي جو مسئلو حل ڪري يا اجازت ڏئي ته سنڌ پنهنجا پاور پلانٽ لڳائي: امتياز شيخ

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ توانائي واري کاتي بابت سوال جوابن دوران نصرت سحر عباسي ۽ امتياز شيخ وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، سوالن جوابن دوارن ڊاڪٽر سيما ضياءُ چيو ته هر منصوبو پبلڪ پارٽنرشپ تحت هلايو وڃي ٿو، لڳي ٿو ته سڄي سنڌ حڪومت اين جي اوز هلائي رهي آهي. امتياز شيخ چيو ته اسان ٿر ۾ ٿر فائونڊيشن ٺاهي آهي، ڪوئلي جي کوٽائي سبب جيڪي متاثر ٿيا ٿيا آهن ،انهن کي گهر الاٽ ڪري ڏنا آهن، گوڙاڻو ڊيم سبب 5 هزار ماڻهو متاثر ٿيا آهن، في متاثر ماڻهو کي لک رپيا ساليانو معاوضو ڏيون ٿا، هڪٻئي سوال جي جواب ۾ امتياز شيخ چيو ته ٿر ۾ ڪجهه عرصي اندر 660 ميگاواٽ جا 2 پلانٽ لڳايا ويندا، شنگهائي پاور وارا به 1320 ميگاواٽ جو پاور پلانٽ لڳائين پيا ، ٿر مان ڪجهه سالن اندر 4 کان 5 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي، نصرت سحر امتياز شيخ کي مخاطب ٿي چيو ته اجلاس ۾ سڀني جا نالا وٺو ٿا ته ڪڏهن پير پاڳاري جو نالو به وٺندا ڪريو، وزارت ڇا ملي اٿو، ڪنهن جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهيو جنهن تي امتياز شيخ چيو ته نصرت هتي رڳو فوٽو ڪڍرائڻ لاءِ ڳالهائيندي آهي، مون کي وزارت رب پاڪ جي مهرباني سان ملي آهي. هڪٻئي سوال جي جواب ۾ امتياز شيخ چيو ته بجلي جو مامرو وفاق جي اختيار هيٺ آهي، لوڊشيڊنگ ۽ اضافي بلن واري معاملي تي وڏو وزير ڪيترائي خط لکي چڪو آهي وفاق بجلي جو مسئلو حل ڪري يا اجازت ڏئي ته سنڌ پنهنجا پاور پلانٽ لڳائي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔