نفرت واري ٻولي ڳالهائڻ سان وڌيڪ نفرتون پکڙبيون: سعيد غني جو اسيمبلي ۾ خطاب

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي اجلاس مان تعميراتي شعبي تان ڪيپيٽل ويليو ٽيڪس ختم ڪرڻ جو بل اتفاق راءِ سان منظور، ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل استادن کي پڪو ڪرڻ وارو بل به ايوان ۾ پيش، ايم ڪيو ايم پاران ڪراچي ۾ سنڌي پوليس آفيسرن جي مقرري ۽ ڪياماڙي ضلعي خلاف ايوان اندر احتجاج، ڊپٽي اسپيڪر ريحانه لغاري جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي محمد حنيف چيو ته ڪراچي ۾ پوليس جي 29 ڪرمنل آفيسرن کي مقرر ڪيو ويو آهي، پهرين 150 ۽ 191 پوليس آفيسرن کي به سنڌ جي ٻين ضلعن مان بدلي ڪري ڪراچي ۾ مقرر ڪيو ويو هو، اهي ڪرمنل پوليس اهلڪار ڪراچي جي رستن تي بيهي شهرين کان ڀتو وصول ڪن ٿا، ڪراچي کي دبئي سمجهيو ويو آهي، ڪراچي مان ڪمائي لٽ مار ڪري هليا وڃن ٿا، ڪراچي ۾ مقامي پوليس اهلڪار مقرر ڪيا وڃن. محمد حنيف جي اهڙي موقف جي حمايت ڪندي ايم ڪيو ايم جي خواجا اظهار چيو ته اڳوڻي آءِ جي ڪليم امام جي دور ۾ سنڌ صوبي جي ٻين ضلعن مان ڏوهاري پوليس آفيسرن کي ڪراچي مقرر ڪيو ويو، اسان ڏوهاري پوليس آفيسرن جي ڪراچي ۾ مقرري ۽ ڪياماڙي ضلعي خلاف عدالت ۾ وينداسين. جنهن تي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته نفرت پکيڙيندڙ ٻولي نه ڳالهائي وڃي، 29 پوليس آفيسرن خلاف انڪوائري هلندڙ آهي، جن کي ڪراچي ۾ رپورٽ ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪراچي ۾ سنڌ پوليس جو هيڊ ڪوارٽر آهي. نفرت واري ٻولي ڳالهائڻ سان وڌيڪ نفرتون پکڙبيون، متحده باني جي نفرت ڀري سوچ کي هتي هٿي نه وٺرائي وڃي، اسان اهڙي سياست کي رد ڪريون ٿا، صوبي تي سنڌ جي سڀني شهرين جو حق آهي،اهي ڪنهن به شهر ۾ وڃي نوڪري ڪري ۽ رهي سگهن ٿا ، لاڙڪاڻي وارو ڪراچي ۾ ۽ ڪراچي وارو لاڙڪاڻي ۽ ميهڙ ۾ وڃي نوڪري ڪري رهي سگهي ٿو. ان کان اڳ ايم ايم اي جي عبدالرشيد ڳالهائيندي چيو ته لياري جي شاهه لطيف روڊ جي حالت خراب آهي، اڳ بلاول ڀٽو تي خالي پٿر ورسيا هئا، هاڻ انهن پٿرن تي گپ لڳي چڪي آهي، ايم ڪيو ايم جي صداقت حسين ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ تي ڳالهائيندي چيو ته پ پ جي نااهل ۽ ڪرپٽ حڪومت ڪراچي جو پاڻي بند ڪيو آهي، انڪري جو پ پ کي ڪراچي مان ووٽ نه ٿا ملن. اجلاس ۾ پ پ جي ايم پي اي شرميلا فاروقي 18 عورت صحافين کي سوشل ميڊيا تي حڪمران جماعت پاران هراسان ڪرڻ خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو، جيڪو اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو، ٺهراءُ ۾ گهر ڪئي وئي آهي ته عورت صحافين کي هراسان ڪرڻ واري واقعي جي انڪوائري ڪرائي وڃي، شرميلا فاروقي چيو ته وفاقي وزير، پي ٽي آءِ جا چونڊيل نمائندا ۽ صلاحڪار عورت صحافين کي هراسان ڪري رهيا آهن. اجلاس ۾ صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا سنڌ لينڊ روينيو ترميمي بل 2019ع ۽ ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل استادن کي پڪي ڪرڻ وارا بل ايوان ۾ پيش ڪيا، جيڪي اسٽينڊنگ ڪاميٽين حوالي ڪيا ويا. اجلاس ۾ صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان تعميراتي شعبي تان ڪيپيٽل ويليو ٽيڪس جي خاتمي وارو ترميمي بل پيش ڪيو، جيڪو پاس ڪيو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔