دنيا ۾ ڪورونا سبب2 هزار 591 انساني حياتيون ضايع ،1 لک 51هزار 61 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي : سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 2 هزار 591 انساني حياتيون ضايع ٿي ويون، جڏهن ته1 لک 51هزار 61 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد ڪل متاثرن جو انگ 2 ڪروڙ 37لک 36هزار 33 ٿي چڪوآهي. برازيل ۾ صورتحال خراب آهي، جتي هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ هڪ هزار 141 مريضن دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته 4هزار245 نوان ڪيس ظاهر ٿيا . ڀارت ۾ هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ 854 مريض فوت، جنهن کانپو فوتين جو ڪل انگ 58هزار 546 ٿي ويو آهي. مسيڪيو ۾وڌيڪ 226، ايران ۾ 133،امريڪا ۾342، روس ۾ 65، عراق ۾133، فلپائن ۾ 13، سعودي عرب ۾ 42 ۽ ترڪي ۾ 18ڄڻا فوت ٿي ويا. عالمي وبا جي ڪري هن وقت تائين حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 8 لک 14هزار751 ٿي ويو، هڪ ڪروڙ 62 لک 21هزار275 مريضن وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔