ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گجگوڙ سان برسات جاري

ڪراچي :سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گجگوڙ سان برسات جو سلسلو جاري، ڪراچي، حيدرآباد، دادو، ٺٽو، قاضي احمد، ميرپور خاص، ڪوٽڙي، ٽنڊو ڄام، ٽنڊو محمد خان، ميرپورخاص، مٺي، عمر ڪوٽ، ڇاڇرو، ڏيپلو، قاضي احمد ۽ ٻين شهرن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جاري آهي، ميرپور خاص ۾ 144، حيدرآباد ۾ 133 ۽ بدين ۾ 87 ملي ميٽر برسات رڪارڊ، هيٺانهان وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، گهرن ۾ به پاڻي داخل، مختلف شهرن ۾ برسات بعد گهرن ۾ پاڻي داخل ٿيڻ جي ڪري شهرين جاڳي رات گذاري، انتظاميا تحرڪ نه ورتو، حسيڪو جا 150 کان وڌيڪ فيڊر ٽرپ ٿي ويا، مختلف شهرن کي بجلي فراهمي به بدستور معطل ٿيل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔