ن ليگ نواز شريف جي صحت تي سياست ڪئي :وزيراعظم

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مسلم ليگ ن نواز شريف جي صحت تي سياست ڪئي ۽ ان جي واپسي لاءِ سڀئي قانوني ذريعا استعمال ۾ آندا وڃن.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پارليامينٽ ۾ حڪومتي ۽ پارٽي ترجمان جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو.

ذريعن موجب پارلياماني معاملن واري مشير بابر اعواڻ پارليامينٽ ۾ قانون سازي بابت بريفنگ ڏني

ذريعن ٻڌايو ته موجوده سياسي صورتحال ۾ اپوزيشن جي بيانيي بابت حڪمت عملي ۽ نواز شريف کي وطن واپس آڻڻ بابت اپائن تي حڪومتي حڪمت عملي تي ويچاريو ويو .

ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته عدالتن کي گهربل ماڻهن جي واپسي حڪومت جي ذميواري آهي ۽ مسلم ليگ ن نواز شريف جي صحت تي سياست ڪئي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔