آپريشن ردالفساد جون ڪاميابيون ضايع نه وينديون: آرمي چيف

راولپنڊي : آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته آپريشن ردالفساد جون ڪاميابيون ضايع نه وينديون، ڊگهي امن ۽ استحڪام لاءِ پرعزم آهيون.

ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا پاڪ افغان بارڊر تي اتر وزيرستان جي داواتوئي سيڪٽر جو دورو ڪيو، جتي کيس پاڪ افغان بارڊر تي آپريشن بابت بريفنگ ڏني وئي.

آرمي چيف کي بارڊر جي سيڪيورٽي سميت پاڪ افغان سرحد تي ڪنڊي دار تار لڳائڻ ۾ اڳڀرائي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي.

ان موقعي تي پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته آپريشن ردالفساد جون ڪاميابيون ضايع نه وينديون، اسان ڊگهي امن ۽ استحڪام لاءِ پرعزم آهيون، امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان بارڊر کي وڌيڪ مستحڪم ڪري پنهنجي حصي جو ڪردار نڀائي رهيو آهي.

آرمي چيف بارڊر تي مقرر جوانن جي آپريشنل ڪارڪردگي کي به ساراهيو ۽ دهشتگردي خلاف قبيلائي عوام جي مسلسل ۽ ڀرپور حمايت جي پڻ تعريف ڪئي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان ايف سي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ذريعي پنهنجي بارڊر کي مستحڪم ڪري رهيو آهي، خطي ۾ گهڻي حد تائين امن اچي چڪو آهي، امن برقرار رکڻ لاءِ مقامي آبادي، سول انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گڏيل ڪوششون جاري رکڻيون پونديون.

هن وڌيڪ چيو ته اسان ڏڦيڙ جون ڪوششون ناڪام بڻائڻ لاءِ چوڪس رهڻو پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔