نيوزيلينڊ ۾ مسجدن تي حملو ڪندڙ دهشتگرد جا عدالت آڏو وڌيڪ انڪشاف

ويلنگٽن: نيوزيلينڊ جي مسجد ۾ گذريل سال ڪيل حملن ۾ ملوث جوابدار جا وڌيڪ انڪشاف سامهون اچي ويا آهن. برطانوي خابرو اداري موجب مسجد تي حملن ۾ ملوث آسٽريليا جي شهري جوابدار برينٽن ٽيرنٽ جي سزا بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪرائسٽ چرچ جي عدالت ۾ شروع ٿي چڪي آهي جيڪا چئن ڏينهن تائين جاري رهندي.ٻڌڻي دوران عدالت ۾ ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ احتياطي تدبيرون اختيار ڪيون ويون جنهن سبب ڪورٽ روم کي خالي رکيو ويو ۽ ڪيترن ئي ماڻهن ڪورٽ جي ڪارروائي کي ٻين ڪورٽ رومز ۾ وڊيو لنڪ تي ڏٺو. برطانوي ميڊيا موجب پوليس جوابدار کي قيدين جي لباس ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ ٻڌڻي دوران جوابدار خاموش رهيو. ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر انڪشاف ڪيو ته جوابدار برينٽن ٽئين مسجد کي به نشانو بنائڻ چاهيو ٿي ان کان علاوه مسجدن کي باهه ڏيڻ ۽ جيترو ممڪن ٿي سگهي ماڻهن کي قتل ڪرڻ جوابدار جي اهم حدفن ۾ شامل هو.پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار هلندڙ سالن ۾ حملن جي منصوبه بندي شروع ڪئي ۽ ان جو مقصد وڌ کان وڌ تباهي ڦهلائڻ هو. پراسيڪيوٽر جو چوڻ هو ته جوابدار نيوزيلينڊ ۾ مسجد جي ڄاڻ جمع ڪئي جن ۾ مسجد جو فلور پلان، ان جو هنڌ ۽ ٻيا تفصيل شامل آهن جڏهن ته جوابدار جو مقصد ماڻهن کي ان وقت نشانو بنائڻ هو جڏهن هو عبادت ۾ مصروف هجن. پراسيڪيوٽر وڌيڪ ٻڌايو ته حملن کان ڪجهه مهينا اڳ جوابدار ڪرائسٽ چرچ ويو جتي هن پنهنجي پهرين ٽارگيٽ النور مسجد تي ڊرون اڏايو. جوابدار ايشبرٽن مسجد ۽ لائن ووڊ اسلامڪ سينٽر کي به نشانو بنائڻ جو منصوبو ٺاهيو. پراسيڪيوٽر موجب جوابدار مسجد تي حملي کان اڳ گهٽي ۾ موجود ماڻهن تي فائرنگ ڪنهن جن جان بچائڻ جي لاءِ مسجد جو رخ ڪيو.پراسيڪيوٽر جو چوڻ هو ته جوابدار گرفتاري کان پوءِ پوليس کي ڏنل بيان ۾ ٻڌايو ته مسجدن تي حملن کان پوءِ انهن کي باهه ڏيڻ به ان جي منصوبه بندي ۾ شامل هو. برطانوي ميڊيا موجب جوابدار تي 51 قتل، 40 قتل جا ارادا ۽ دهشتگردي جي الزام ۾ فرد جرم لاڳو ڪئي وئي آهي جنهن سبب ان کي بنا ڪنهن پرول جي عمر قيد جي سزا کي منهن ڏيڻو آهي. برطانوي ميڊيا ٻڌايو آهي ته جوابدار کي 17 سالن جي سزا به ٿي سگهي ٿي البته ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ هاءِ ڪورٽ جي جج وٽ اهي اختيار آهن ته هو جوابدار کي بنا پرول جي سڄي عمر لاءِ جيل ۾ قيد رکڻ جي سزا ٻڌائي سگهي ٿو ۽ اهڙي طرح جي سزا ان کان اڳ نيوزيلينڊ ۾ ڪڏهن به ناهي ڏني وئي.واضح رهي ته 15 مارچ 2019 تي نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائسٽ چرچ جي مسجد تي جمعي جي نماز دوران حملا ڪيا ويا جنهن ۾ جوابدار آسٽريلوي شهري ٻن مسجدن ۾ گهڙي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 50 ڄڻا مارجي ويا هئا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔