سرڪاري زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ واري ڪيس ۾ ضمانت رد، سيڪريٽري بلديات روشن شيخ گرفتار

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان سرڪاري زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ واري ڪيس ۾ ضمانت رد ٿيڻ بعد چار ڪلاڪن جي صلاح مشورن ۽ نظرثاني اپيل جي باوجود نيٺ نيب ٽيم سيڪريٽري بلديات روشن شيخ کي عدالت مان گرفتار ڪري ورتو، سرڪاري زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ واري ڪيس ۾ ضمانت رد ڪئي وئي، سنڌ هاءِ ڪورٽ سيڪريٽري بلديات روشن شيخ سوڌو 10 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، نيب ٽيم لوڪل گورنمينٽ کاتي جي سيڪريٽري کي گرفتار ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ چار ڪلاڪ موجود رهي، روشن شيخ ۽ ٻين جي درخواست تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي عدالت چيو آهي ته جوابدارن اختيارن جو ناجائز استعمال ڪري قومي ناڻي کي نقصان پهچايو آهي، جوابدارن ۾ فضل الرحمان، وسيم، نديم، قادر کوکر ۽ سبيحه اسلام شامل آهن، عدالت ڪيس ۾ نامزد جوابدصار متحده اڳواڻ سيف عباس، شعيب ۽ شوڪت جوکيو کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جوابدار ٽن سالن کان جيل ڪاٽي رهيا آهن، نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو آهي ته روشن علي شيخ ۽ ٻين خلاف ريفرنس داخل ٿي چڪو آهي، ڪي ايم سي ۽ بورڊ آف روينيو جي ملي ڀڳت سان زبح خاني جي 265 ايڪڙ زمين غيرقانوني طور الاٽ ڪئي وئي، جوابدارلانڍي ۾ سمال ڪارٽيج انڊسٽري کي زمين الاٽ ڪئي هئي.جڏهن ته زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ ڪيس ۾ هڪ جوابدار سهيل يار خان عدالتي احاطي مان فرار ٿي ويو، نيب اهلڪارن ڊائريڪٽر لينڊ وسيم زيدي ۽ لالا فضل الرحمان کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته عدالت ۾ موجود روشن شيخ طرفان ضمانت رد ڪرڻ واري فيصلي تي نظرثاني واري درخواست باوجود عدالت نظرثاني اپيل به رد ڪئي، جنهن بعد نيب ٽيم روشن شيخ کي عدالتي ڪمري مان گرفتار ڪري ورتو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔