سيڪريٽري بلديات سوڌو 10 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي : سرڪاري زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ واري ڪيس ۾ ضمانت رد، سنڌ هاءِ ڪورٽ سيڪريٽري بلديات روشن شيخ سوڌو 10 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، نيب ٽيم لوڪل گورنمينٽ کاتي جي سيڪريٽري کي گرفتار ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ موجود، روشن شيخ ۽ ٻين جي درخواست تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي عدالت چيو آهي ته جوابدارن اختيارن جو ناجائز استعمال ڪري قومي ناڻي کي نقصان پهچايو آهي، جوابدارن ۾ فضل الرحمان، وسيم، نديم، قادر کوکر ۽ سبيحه اسلام شامل، عدالت ڪيس ۾ نامزد جوابدصار متحده اڳواڻ سيف عباس، شعيب ۽ شوڪت جوکيو کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ٽئي جوابدار ٽن سالن کان جيل ڪاٽي رهيا آهن، نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو آهي ته روشن علي شيخ ۽ ٻين خلاف ريفرنس داخل ٿي چڪو آهي، ڪي ايم سي ۽ بورڊ آف روينيو جي ملي ڀڳت سان زبح خاني جي 265 ايڪڙ زمين غيرقانوني طور الاٽ ڪئي وئي، جوابدارلانڍي ۾ سمال ڪارٽيج انڊسٽري کي زمين الاٽ ڪئي هئي.جڏهن ته زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ ڪيس ۾ هڪ جوابدار سهيل يار خان عدالتي احاطي مان فرار ٿي ويو، سنڌ هاءِ ڪورٽ سيڪريٽري بلديات روشن شيخ ۽ ٻين جون ضمانت واريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون، نيب اهلڪارن ڊائريڪٽر لينڊ وسيم زيدي ۽ لالا فضل الرحمان کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔