نوازشريف جيل مان ويو هو، واپس ايندو ته جيل ئي ويندو:فواد چوڌري

اسلام آباد: سائنس ۽ تيڪنالوجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته نوازشريف جيل مان ويو هو ۽ واپسي تي جيل ئي ويندو.

فواد چوڌري پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته عدالت شيورٽي کي تبديل ڪيو، شهبازشريف کي گهرائي نوازشريف جي واپسيءَ جي ڳالهه ڪجي.

هن چيو ته پهرين ڳالهه اها آهي ته نوازشريف جيل ۾ سزا ڪٽي رهيو هو، واپس ايندو ته جيل ئي ويندو، ٻي ڳالهه اها آهي ته نوازشريف پلي باگين ڪندو ۽ پيسا واپس ڪندو.

فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته ٽين ڳالهه اها آهي ته نوازشريف عدالت کان نااهل آهي ۽ اليڪشن نٿو وڙهي سگهي. 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔