حڪومت اسحاق ڊار کي نه گهرائي سگهي ته نوازشريف کي ڪيئن گهرائيندي: خورشيد شاهه

سکر: پ پ جي سينئر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته حڪومت اسحاق ڊار کي ئي نه گهرائي سگهي ته نوازشريف کي ڪيئن گهرائيندي.

احتساب عدالت سکر  ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي  غير رسمي ڳالهيون ڪندي خورشيد شاهه چيو ته اپوزيشن اڳواڻ بنجڻ تي به الائونس نه ورتو.  سڀ ڏسي رهيا آهن ته مون سان ناانصافي ٿي رهي آهي پر رات کان پوءِ صبح ضرور ٿيندي آهي.

پ پ اڳواڻ  چيو ته نيون نيون ڳالهيون ٻڌي رهيا آهيون جيڪي ڪڏهن به ناهن ٻڌيون هي ماڻهو اسحاق ڊار کي نٿا گهرائي سگهن ته  اهي نوازشريف کي ڪيئن گهرائيندا.

هن وڌيڪ چيو ته مان پارليامينٽ جي ڳالهه ڪندو هئس ۽ منهنجي ڪوشش هئي ته  پارليامينٽ ۾ قانونسازي ٿئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔