ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات جو امڪان : موسميات کاتو

اسلام آباد: موسميات کاتي اڄ سنڌ، ڏکڻ اوڀر بلوچستان، اتر اوڀر پنجاب، مٿانهين خيبرپختونخواهه، ڪشمير ۽  ڀرپاسي واري علائقن ۾ کنوڻ سان گڏ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

پنجاب جي مختلف علائقن ۾ اڄ ڏينهن کان وٺي موسم گرم ۽ وچولو رهندو. لاهور، سيالڪوٽ، گجرات، نارووال، بهاولپور، ملتان، ڊي جي خان، راجن پور ۽ رحيم يار خان ۾ به برسات پئجي سگهي ٿي. اسلام ڪوٽ، مٺي، ننگرپارڪر، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، حيدرآباد، ٺٽه، بدين، ميرپورخاص، خيرپور، لاڙڪاڻو، سکر، شهيد بينظير آباد، سانگهڙ ۽ دادو ۾ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب پشاور، ايبٽ آباد، سوات، دير، مانسهره ۽ ڪرم ۾  ڪجهه هنڌن تي برسات جو امڪان آهي. ڪراچي ۾ اڄ به برسات جو امڪان آهي. ڪراچي ۾ گذريل ٻن ڏينهن کان ٿيندڙ برسات جو پاڻي اڃان تائين ناهي نڪري سگهيو جنهن سبب شهرين کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ڪجهه علائقن  جا ماڻهو لڏ پلاڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

بلوچستان صوبي جي ضلعي لسبيله، خضدار، قلات، زوب، ڪوهلو، بارکهان، آواران، تربت ۽ ڀرپاسي ۾ تيز هوائن سان گڏ برسات جو امڪان آهي. ڪشمير ۾ به تيز برسات پوندي پر گلگت بلتستان ۾ اڄ موسم جهڙالو رهندو. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم گرم ۽  جهڙالو رهيو جڏهن ته اندرون سنڌ، اوڀر بلوچستان لاهور ۽ گلگت بلتستان ۾ برسات پئي. سڀني کان وڌيڪ برسات ننگرپارڪر ۾ 38 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. ڪراچي جي علائقي لانڍي 18، گلشن حديد، سرجاني 17، صدر 12، نارٿ ڪراچي 10 ۽ ڪياماڙي ۾ 08 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔