مڙس جهيڙو نه ٿو ڪري، عورت طلاق وٺڻ لاء عدالت پهچي وئي

نئين دهلي: ڀارت ۾ هڪ عورت پنهنجي مڙس پاران تمام گهڻو پيار ڪرڻ ۽ هن سان جهيڙو نه ڪرڻ تي طلاق لاءِ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي.
غير ملڪي خبرن جي ايجنسي جي رپورٽ مطابق هندستان جي رياست اترپرديش ۾ هڪ عورت شادي جي 18 مهينن کانپوءِ طلاق وٺڻ جي لاءِ عدالت پهچي وئي.
عورت عدالت ۾ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي سندس مڙس هن سان هرگز جهيڙو نه ٿو ڪري ، هو ڪپڙا ، ٿانو ڌوئي ٿو ۽ گهر کي صاف ڪري ٿو ، منهنجي غلطي ڪرڻ تي فوري طور تي بحث نه ٿو ڪري..
ٻئي طرف عورت جي مڙس چيو ته هو هميشه پنهنجي زال کي خوش رکڻ چاهي ٿو.هن پنهنجي زال کي به عدالت کان ڪيس واپس وٺڻ لاءِ چيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔