وڏي وزير جي صدارت هيٺ ايپيڪس ڪميٽي جو اجلاس

ڪراچي : وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس دوران سنڌ ۾ سمورن مدرسن کي تعليمي ادارن طور رجسٽر ڪرڻ جو فيصلو، وڏي وزير چيو آهي ته مدرسن جو مفت تعليم مهيا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار آهي، سنڌ ۾ هن وقت 8 هزار 195 مدرا ۽ امام بارگاهون آهن، اجلاس ۾ وڏي وزير اسٽريٽ ڪرائيم جي خاتمي لاءِ نئون قانون ٺهڻ تائين موجود قانون تحت ڪرائيم ڪيسز هلائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته رڳو قانون ٺاهڻ ڪافي نه آهي، اُن تي عمل به ضروري آهي، ڪيسز ڪمزور هجڻ سبب ڏوهاري آزاد ٿي ويندا آهن، اهڙا ڪيسز ٺاهيا وڃن جو جوابدارن جي سزا يقيني بڻجي وڃي، پوليس کي به چالان بهتر نموني ٺاهڻ جي هدايت، اجلاس ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ڪيسز تي ٻڌڻي لاءِ الڳ جج مقرر ڪرڻ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔