سپريم ڪورٽ ريلوي جي ري اسٽرڪچرنگ لاءِ 4 هفتن جي مهلت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ريلوي جي ري اسٽرڪچرنگ لاءِ سنڌ حڪومت کي چئن هفتن جي مهلت ڏني آهي .

عدالت سرڪلر ريلوي تي سنڌ حڪومت ۽ ريلوي کان اڳڀرائي رپورٽ گهرائي ورتي آهي .

چيف جسٽس چيو ته فنڊ موجود آهن ته منصوبي جي مڪمل ٿيڻ ۾ وقت نه لڳڻ گهرجي .

سپريم ڪورٽ ۾ ريلوي خسارو پاڻ مرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي . چيف جسٽس گلزار احمدچيو ته ڪراچي حيدرآباد برج ڪنهن وقت به ڪري سگهي ٿي ، ڪوٽري ۾  انگريز جي ٺاهيل پل اڄ به درست حالت ۾ آهي ،سنڌو درياءَ تي ڪا اهڙي پل ناهي جنهن تي قوم فخر ڪري سگهي .ايوب خان جي دور ۾ ٺاهيل ايوب برج واحد خوبصورت پل آهي

چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته ايم ايل ون لاءِ سٺيون پليون ٺاهيون وڃن ،سنڌو درياءُ ملڪ جي معيشت هلائي ٿو ،ان کي عزت ڏيو .

سيڪريٽري ريلوي چيو ته ايم ايل ون ۾ اسٽيٽ آف دي آرٽ پلون ٺاهيون وينديون ، عدالت وڌيڪ ٻڌڻي 4 هفتن جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔