سنڌ ڪابينا ڪياماڙي ضلعو ٺاهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وڏي وزير طرفان نوان ضلعا ٺاهڻ لاءِ تجويزون پيش ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي : سنڌ ڪابينا ڪياماڙي ضلعو ٺاهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وڏي وزير طرفان نوان ضلعا ٺاهڻ لاءِ تجويزون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، سنڌ ڪابينا وقف پراپرٽيز ايڪٽ 2020ع ۾ ترميمن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، هن ايڪٽ کي ايف اي ٽي ايف جي قانون پٽاندڙ ٺاهيو ويو آهي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، ڪابينا جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته لوڪل گورنمينٽ جو مُدو 28 آگسٽ تي پورو ٿي رهيو آهي، جيڪو سنڌ حڪومت جي جمهوريت پسندي جو ثبوت آهي، ٻين صوبن ۾ لوڪل گورنمينٽ جو مدو پورو نه ٿي سگهيو آهي، اسان ميئر کي جيل ۾ به ڪم ڪرڻ ڏنو ۽ ساڻس سهڪار ڪيو، اجلاس دوران ڪابينا ميمبرز لوڪل باڊيز جو مُدو پورو ٿيڻ تي وڏي وزير کي واڌايون ڏنيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔