ڪراچي سنڌ کان الڳ ناهي، صوبي جي ورهاست قبول نه ڪئي ويندي: حليم عادل شيخ

ڪراچي: ڪراچي سنڌ کان الڳ ناهي، صوبي جي ورهاست قبول نه ڪئي ويندي، پي ٽي آءِ ايم پي اي حليم عادل شيخ چيو آهي ته ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جو ڪوبه پلان نه آهي، پيپلزپارٽي پنهنجون ناڪاميون سنڌ ڪارڊ پويان لڪائي عوام کي ورغلائي رهي آهي، پيپلز پارٽي هڪ پاسي ڪميٽي ۾ ويٺي آهي ته ٻئي پاسي مظاهرا ڪيا پيا وڃن، هڪ پاسي وڏو وزير اسلام آباد ۾ ڳالهيون ڪري رهيو هو ته ٻئي پاسي نثار کهڙو سنڌ دشمني جون ڳالهيون پيو ڪري، ڇا ڪراچي جي ترقي سنڌ دشمني آهي؟ هاڻي لسانيت واري سياست ختم ٿيڻ گهرجي، اڳ به چيو هو ته ڪراچي سنڌ آهي، ڪراچي کي سنڌ کان الڳ نه ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔