فلسطينين سان امن قائم ڪرڻ تائين اسرائيل سان لاڳاپا ممڪن ناهن: سعودي پرڏيهي وزير

رياض: سعودي عرب چيو آهي ته اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا ان وقت تائين قائم نه ٿي سگهندا جيستائين اسرائيل فلسطينين سان عالمي سطح تي تسليم ٿيل امن معاهدي تي صحيح نه ٿو ڪري .

سعودي عرب جي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان السعود چيو آهي ته والاريل الهندو اردن جي علائقن ۾ اسرائيلي آبادڪاري غير قانوني آهي.

جرمني جي گادي واري شهر برلن ۾ جرمن پرڏيهي وزير هائيڪو ماس سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران فيصل بن فرحان السعود جو چوڻ هو ته تعلقات قائم ڪرڻ جي شرط اها آهي ته عالمي معاهدن هيٺ فلسطينين سان امن قائم ڪيو وڃي .

ياد رهي ته گذريل هفتي گڏيل عرب امارتون اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ وارو پهريون نار وار ملڪ بڻيو هو، ٻنهين ملڪن ۾ اهو امن معاهدو آمريڪا جا ٽياڪڙي جي ڪري ٿيو آهي ۽ صدر ٽرمپ ئي سڀني کان اڳ ۾ ٽوئيٽ ڪري ان جو اعلان ڪيو هو .

 سعودي عرب پاران باضابطا بيان جاري ٿيڻ کانپوءِ آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته اميد آهي ته سعودي عرب يو اي اي ۽ اسرائيل معاهدي ۾ شامل ٿيندو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔