ايندڙ 6 مهينن ۾ 22 لک 58 هزار نوجوانن جي بيروزگار ٿيڻ جو خدشو

ڪراچي: ايشيائي ترقياتي بينڪ پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ 3 مهينن دوران 15 لک کان وڌيڪ نوجوانن بي روزگار ٿي ويا آهن جڏهن ته 6 مهينن ۾ 22 لک 58 هزار نوجوانن جي بي روزگار ٿيڻ جو خدشو آهي.
ايشيائي ترقياتي بينڪ ڪورونا سبب بيروزگاري تي رپورٽ جاري ڪئي آهي جنهن ۾ 3 ۽ 6 مهينن جو جائزو ورتو ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايشيائي خطي جا 13 ملڪ ڪورونا وبا مان متاثر ٿيا آهن ۽ انهن متاثر ملڪن جي فهرست ۾ پاڪستان نائون نمبر متاثر ملڪ آهي. جنهن ملڪن ۾ نوجوانن جي بيروزگاري وڌي انهن ۾ ڀارت، بنگلاديش، ڪمبوڊيا، فجي، آسٽريليا، انڊونيشيا، جاپان، ملائيشيا ۽ ويٽ نام شامل آهن.
رپورٽ موجب ڪورونا وبا جي ڪري پاڪستان ۾ بيروزگاري جي شرح ۾ واڌ ٿي آهي. پاڪستان ۾ 3 مهينن دوران 15 لک 6 هزار نوجوان بيروزگار ٿيا آهن جڏهن ته 6 مهينن ۾ 22 لک 58 هزار نوجوانن جي بيروزگار ٿيڻ جو خدشو آهي.
ايشيائي ترقياتي بينڪ جي رپورٽ موجب رئيل اسٽيٽ، مينوفيڪچرنگ، هول سيل و ريٽيل ٽريڊ، رهئاشي ۽ فوڊ بزنس جي شعبن ۾ سڀ کان وڌيڪ بيروزگاري ٿي جڏهن ته تعليم ۽ صحت سميت ٻين ڪجهه شعبن ۾ بيروزگاري جي شرح گهٽ ٿي آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 3 مهينن دوران ايشيائي ملڪن ۾ گڏيل طور تي هڪ ڪروڙ نوجوان بيروزگار ٿي سگهن ٿا جڏهن ته 6 مهينن دوران انهن ملڪن ۾ بيروزگار نوجوانن جو انگ وڌي ڏيڍ ڪروڙ تائين پهچڻ جو خدشو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔