معيشت بهتر ڪرڻ لاءِ نوجوانن کي اسٽيڪ هولڊر بڻائڻو پوندو: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيوآهي ته معيشت بهتر ڪرڻ لاءِ نوجوانن کي اسٽيڪ هولڊر بڻائڻو پوندو.

وزيراعظم عمران خان خان خاص مدد گار عثمان ڊار ۽ ناڻي واري مشير حفيظ شيخ ملاقات ڪئي آهي .

وزيراعظم جي ڪامياب جوان پروگرام جي تازن انگن اکرن تي بريفنگ به ڏني وئي ، پروگرام تحت نوجوانن ۾ رقم ورهائڻ جو عمل تيز ڪرڻ تي به صلاح مشورو ٿيو .

بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪجه ڏينهن ۾ 50 هزارن کان وڌيڪ نوجوانن رقم حاصل ڪرڻ لاءِ درخواستون ڏنيون آهن .

وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته رقم جي ورهاست وارو عمل وڌيڪ تيز ۽ شفاف انداز ۾ مڪمل ڪيو وڃي ڇو ته ڪورونا جي ملڪي معيشت تي اثرن کي ختم ڪرڻ لاءِ پروگرام تمام ضروري آهي .

هن چيو ته معيشت مٿي آڻڻ لاءِ نوجوانن کي اسٽيڪ هولڊر ڪرڻو پوندو ۽ نوجوانن کي هر اها سهولت ڏني ويندي جنهن سان هو روزگار جا موقعا حاصل ڪري سگهن .

پروگرام جي حوالي سان وڌيڪ هدايتون ڏيندي وزيراعظم چيو ته پروگرام دوران رقم جي ورهاست واري عمل تي مڪمل نظر رکي وڃي جڏهن ته شفافيت ۽ ميرٽ تي ڪنهن سطح تي به سمجهوتو نه ٿيڻ گهرجي

وزيراعظم پروگرام ۾ هن وقت تائين جي اڳڀرائي تي اطمينان ظاهر ڪندي چيو آهي ته هو ڪامياب جوان پروگرام جي پاڻ مانيٽرنگ ڪري رهيو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔