وڏي وزير مراد علي شاهه جي وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم عمران خان سان ملاقات

اسلام آباد : اسلام آباد جي اوچتي دوري تي پهتل وڏي وزير مراد علي شاهه جي وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي ، صوبائي وزير ناصر شاهه ۽ سعيد غني به موجود هئا ، ذريعن چوڻ آهي ته ملاقات ۾ ڪراچي جي مسئلن سوڌو ٻين اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، وڏو وزير مراد علي شاهه خصوصي جهاز ذريعي ڪراچي کان اسلام آباد پهتو آهي، سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت ٻن سالن ۾ تباهي ڪري ڇڏي آهي، وفاقي حڪومت نوڪريون ڏيڻ بدران ماڻهن کان روزگار کسي ڇڏيوآهي ، پيٽرول ۽ عام واهپي جون شيون مهانگيون ڪري ماڻهن کان جيئڻ جو حق کسيو ويو، ڪراچي مان چونڊيل نمائندا وزيراعظم کان پُڇاڻو ڪن ته شهر لاءِ اعلانيل پيڪيج جي رقم اڃا تائين ڇو نه ڏني وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔