وفاقي حڪومت 22ڪروڙ عوام جون رڙيون ڪڍي ڇڏيون آهن: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي : سنڌ سرڪار جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته وفاقي حڪومت 22ڪروڙ عوام جون رڙيون ڪڍي ڇڏيون آهن، آگسٽ 2018ع ۾ کنڊ جو في ڪلو 55 رپيا هو، ٻن سالن ۾ پي ٽي آئي حڪومت رڳو تباهي آندي آهي، پريس ڪانفرنس دوران مرتضيٰ وهاب چيو ته پي ٽي آئي جي حڪومت ۾ ڪو به منصوبو مڪمل ٿيو آهي؟ وزيراعظم آئي ايم ايف نه وڃڻ وارو واعدو پورو ڪيو؟ ڇا وزيراعظم آپگهات ڪرڻ وارو واعدو پورو ڪيو؟، پاڪ چين دوستي جو بنياد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ وڌو ويو، سي پيڪ آصف علي زرداري جو وزن هو، عمران خان به چوي ٿو سي پيڪ گيم چينجر آهي، هن چيو ته هڪ ڪروڙ نوڪريون ماڻهن کي ڏيڻ بدران روزگار به کسيو ويو، تحريڪ انصاف نه پر پاڪستاني عوام لاءِ تحريڪ انتقام آهي، عمران خان چيو هو ته گورنر هائوسز جون ڀتيون ڪيرايون وينديون گورنر هائوسز جون ڀيتيون بيٺون آهن غريبن جا گهر ڊاهيا ويا وزيراعظم هائوس ۾ يونيورسٽي ٺهي آهي ته ڏيکاريو، عمران خان وزيراعظم هائوس ۾ اتحادين کي ليڪچر ڏيندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔