ڪراچي: سنڌ حڪومت نائين ڪلاس تائين اسڪول کولڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي.
عذرا پيچوهو ان حوالي سان چيو آهي ته ڪورونا کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ کان سواءِ تڪڙ ۾ فيصلا نه ڪيا وڃن.
صرف ميٽرڪ، انٽر ۽ ڪاليجن کي ايس او پيز تحت کولي سگهجي ٿو. صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو آهي ته ننڍن ٻارن جي لاپرواهي سبب ڪورونا سڄي معاشري ۾ پکڙجي سگهي ٿو.
هن چيو ته 14 سالن کان وڏن شاگردن کي سمجهائي سگهجي ٿو. ننڍن ٻارن کي سوشلائز ڪرڻ کان ڪيئن روڪي سگهون ٿا.؟ ننڍا ٻار پنهنجي نڪ، منهن ۽ اکين کي هٿ لڳائيندا رهندا آهن. اهڙي طرح ٻار پنهنجي گهر وارن کي به متاثر ڪري سگهن ٿا.