پي ٽي آءِ پاران ڪراچي جا مسئلا حل نه ٿيڻ جي صورت ۾ وزيراعليٰ هائوس جي گهيراءُ جو چتاءُ

ڪراچي : مراد علي شاهه صاحب، هٿ ٻڌي گذارش ڪريون ٿا ته ڪراچي جا مسئلا حل ڪريو، اسان جي صبر جو پئمانو لبريز ٿيندو پيو وڃي، مسئلا حل نه ٿيا ته آرٽيڪل 149 فور ۽ گورنر راڄ وارو آپشن به موجود آهي، پي ٽي آءِ ڪراچي جا مسئلا حل نه ٿيڻ جي صورت ۾ وزيراعليٰ هائوس جي گهيراءُ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو، اپوزيشن ليڊر فردوس شميم نقوي چيو آهي ته وڏو وزير هڪ ڀيرو ٻيهر نفرت جي سياست جو بُنياد رکي رهيو آهي، ايم ڪيو ايم لنڊن جي باقيات اڃا به ڪٿي نه ڪٿي نظر اچي پئي، پي ٽي آءِ لساني ۽ نفرت جي سياست جي خلاف آهي، وڏو وزير ٻڌائي ته ڪراچي جا مسئلا مستقل بُنيادن تي ڪڏهن ۽ ڪيئن حل ڪندو، وفاقي حڪومت بنا ڪنهن شرط جي هٿ ونڊڻ لاءِ تيار آهي، ڪراچي کير ڏيندڙ ڳئون آهي، اُن کي تباهه نه ڪريو، اها ڳئون اڃا به وڌيڪ کير ڏئي سگهي ٿي، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران فردوس شميم نقوي چيو ته هو سنڌ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ جي خلاف آهن، پ پ سرڪار کي سنڌ جي وحدت برقرار رکڻي آهي ته بااختيار بلدياتي نظام آڻي، اُن کانسواءِ ڪراچي جي مسئلن جو ڪوبه حل نه آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔