گورنر پنجاب جي فياض الحسن سان ملاقات، گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهيون

لاهور: پنجاب جي گورنر چوڌري سرور صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ان موقعي تي پنجاب جي گورنر چوڌري سرور چيو ته وزيراعظ۾ عمران خان جي ايمانداري تي ڪوبه آڱر نٿو کڻي سگهي. افراتفري ۽ نااميدي پکيڙڻ وارن کي مايوسي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ملندو. آئين ۽ قانون جي حڪمراني تي حڪومت ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪندي. حڪومت جا 2 سال مڪمل ٿي چڪا آهن باقي 3 سال به گذري ويندا.

  چوڌري سرور چيو ته ملڪ ۾ پهريون ڀيرو  صحيح  رستي تي ڪاميابي سان اڳيان وڌي رهيا آهيون. معاشري جي ڪمزور طبقي جي مضبوطي لاءِ عملي قدم کڻي رهيا آهيون. ملڪ کي پيش ايندڙ چيلنجن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومتي پاليسيون ڪامياب ٿي رهيون آهن. معاشي ۽ سفارتي محاذ تي  پاڪستان دنيا ۾ پنهنجو مقام ٺاهيو آهي. موڊيز ۽ فيچ به پاڪستان جي معاشي ريٽنگ کي بهتر قرار ڏئي رهيا آهن.

پنجاب جي اطلاعات واري وزير فياض الحسن چوهان چيو ته حڪومت کي پنهنجي بهترين منصوبه  بندي سان ملڪ کي معاشي طور تي ڏيوالپڻي کان بچائڻو آهي.  نئين پاڪستان هائوسنگ اسڪيم ۽ احساس پروگرام غريب دوستي جي عظيم مثال آهي. عوام حڪومتي پاليسين سان گڏ  بيٺل آهي. عمران خان ئي اهو ليڊر آهي جيڪو ملڪ کي مضبوط ۽ خوشحال بنائي سگهي ٿو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔