اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران نيول سيلنگ ڪلب کي سيل ڪرڻ جو حڪم برقرار

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نيول سيلنگ ڪلب کي سيل ڪرڻ جو حڪم برقرار رکي ڇڏيو،عدالت حڪم ڏنو ته راول ڊيم جي ڪناري نيوي سيلنگ ڪلب ۽ نيول فارمز ۾ اڏاوتن تي پابندي ايندڙ ٻڌڻي تائين برقرار رکي وڃي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته هتي امير ۽ غريب لاءِ ٻٽو قانون آهي. چيف جسٽس چيو ته سي ڊي اي ڍاٻن کي بنا نوٽيس جي ڊاهي ڇڏي ٿي،هيٺان کان وٺي چيئرمين سي ڊي اي تائين سڀ طاقتور سان مليل آهن. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته هتي قانون جي ڪابه حڪمراني ناهي،عدالت جيڪا درخواست کڻي ٿي،ان مان نظر اچي ٿو ته قانون صرف ڪمزور لاءِ آهي. چيف جسٽس چيو ته هر روز نئين درخواست اچي ٿي ته قانون تي عمل نه ٿي رهيو آهي،اسان عدالت جي ڪنهن به حڪم جي ڀڃڪڙي جي اجازت نه ڏينداسين. عدالت نيول سيلنگ ڪلب جي صرف مرمت جي ڪم جي اجازت ڏيندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سيپٽمبر جي ٻئي هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔