سپريم ڪورٽ پاران فيصل آباد ۾ فلاحي پلاٽن تي قائم پيٽرول پمپس ختم ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ،فيصل آباد ۾ فلاحي پلاٽن ۽ گرين بيلٽس تي قائم سمورن پيٽرول پمپس ۽ حددخليون ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ قائم ٽه رڪني بينچ فيصل آباد ۾ گرين بيلٽس تي قائم غير قانوني پيٽرول پمپس بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس ، فيصل آباد جي ڪمشنر کي مخاطب ڪندي چيو ته ڪمشنر صاحب پوري شهر جو سروي ڪريو، زمين جنهن مقصد لاءِ مختص ٿي،ان تي اهو ئي ڪم ٿيڻ گهرجي. چيف جسٽس معلوم ڪيو ته ڇا شهر ۾ گرين بيلٽس ۽ پارڪس ۾ قائم پيٽرول پمپس ختم ٿي ويا؟ جنهن تي ڪمشنر ٻڌايو ته ٻنهي جاين تان پيٽرول پمپس ختم ڪيا ويا. چيف جسٽس معلوم ڪيو ته گرين بيلٽس جي زمين تي پمپ ڪيئن قائم ٿيو؟ جنهن تي ڪمشنر جواب ڏنو ته هي زمين 30 سال پهريان ليز ڪئي وئي.چيف جسٽس هدايت ڪئي ته معاملي جو جائزو وٺي، ذميدارن جي خلاف ايڪشن ورتو وڃي. جسٽس قاضي امين پنهنجن ريمارڪس ۾ ڄاڻايو ته شهرن کي هلائڻ پارليامينٽ يا ججز جو ڪم ناهي، اهڙين جاين تي ڪمرشل سرگرميون انتظاميا جي ناڪامي آهي…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔