وڏو وزير مراد علي شاهه ٻيهر اوچتو اسلام آباد پهچي ويو

اسلام آباد : سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه هڪ ڀيرو ٻيهر اوچتو وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد پهچي ويو. ذريعن مطابق وڏو وزير مراد علي شاهه اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪندو. وڏو وزير ملاقاتن دوران ڪراچي جي معاملي تي صلاح مشورا ڪندو. ذريعن ٻڌايو ته وڏو وزير مراد علي شاهه وفاقي حڪومت جي اهم عهديدارن سان ملاقاتون ڪري رهيو آهي. واضح رهي ته ڪراچي جي حوالي سان ڪميٽي قائم ڪرڻ واري معاملي تي پهريان به وڏي وزير اسلام آباد ۾ اهم حڪومتي شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون هيون، هاڻ پڻ ملاقاتون رٿيل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔