اداڪاره سڪينه سمون صبا قمر جي حمايت ۾ سامهون اچي وئي

ڪراچي: سينئر اداڪاره سڪينه سمون گاني جي شوٽنگ جي معاملي تي ڪيس کي منهن ڏيندڙ صبا قمر جي حمايت ۾ آواز اٿاري ڇڏيو.
گلوڪار بلال سعيد ۽ اداڪاره صبا قمر جي خلاف 13 آگسٽ تي ٿاڻي اڪبري گيٽ تي وڪيل فرحت منظور جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪو ويو هو جنهن ۾ 295 جا قلم شامل ڪيا ويا آهن.
مدعي طرفان صبا قمر ۽ بلال تي مسجد جو تقدس پامال ڪرڻ جو الزام هڻندي موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مسجد ۾ گانو عڪسبندي ڪري مسلمانن جي جذبات کي مجروح ڪيو ويو آهي.
انسٽا پوسٽ ۾ سڪينه سمون صبا قمر سان محبت جو اظهار ڪندي ٻڌايو ته هي صبا قمر سان يڪجهتي جو اظهار آهي. سڪينه سمون لکيو آهي ته مان تمام گهڻي ڏک سان اهو چوان ٿي ته هي غلط آهي هو هڪ سٺي آرٽسٽ ۽ مهربان شخصيت آهي هن ڪنهن سان به برو ناهي ڪيو هو پنهنجي دنيا ۾ خوش آهي منهنجي خيال ۾ ان سان ناانصافي ان جي صلاحيتن جي توهين آهي.
هن چيو ته اداڪار برادري کي صبا سان گڏ بيهڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔