صوماليه ۾ هوٽل مٿان خودڪش حملي سبب سورنهن ڄڻا مارجي ويا، ٽيتاليهه زخمي

صوماليه: صوماليه جي سامونڊي علائقي ۾ لگزري هوٽل مٿان حملي سبب مارجي ويلن جو انگ 16 ٿي ويو آهي جڏهن ته 43 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب آفريڪي ملڪ صوماليه جي گادي واري شهر جي سامونڊي علائقي ۾ هڪ هوٽل تي خودڪش حملي آور بارود سان ڀريل ڪار ٽڪرائي ڇڏي جنهن سبب افراتفري مچي وئي ان دوران 5 هٿياربند هوٽل ۾ داخل ٿي ويا ۽ انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 16 ڄڻا مارجي ويا ۽ 43 زخمي ٿي پيا.
هوٽل تي حملي جي خبر ملندي ئي سيڪيورٽي فورس جي اهلڪارن واقعي واري هنڌ جو گهيرو ڪري ورتو. حملي آورن ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن وچ ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين فائرنگ جي ڏي وٺ جاري رهي جنهن کان پوءِ سيڪيورٽي فورس پنجن ئي حملي آورن کي ماري ڇڏيو جڏهن ته سيڪيورٽي اهلڪار سميت 12 شهري به مارجي ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔