ملڪ ۾ في ڪلو کنڊ سئو رپين کان به مهانگي ٿي وئي

اسلام آباد : ملڪ ۾ کنڊ جو اگهه چوٽ چڙهي ويو، جيڪا 110 رپين تائين ڪلو ٿي وئي آهي.
ڳڻپ واري وفاقي اداري ملڪ ۾ کنڊ اگهن جي حوالي سان تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن، جنهن موجب پشاور ۾ هڪ ڪلو کند جي قيمت 110 رپين تائين پهچي وئي آهي، لاهور، اسلام آباد، ڪراچي، ڪوئيٽا، حيدرآباد، راولپنڊي جي ڀيٽ ۾ پشاور ۾ کنڊ 10 في ڪلو مهانگي ملي رهي آهي، جڏهن ته سيالڪوٽ، گوجرانوالا، ملتان ۽ سکر جي ڀيٽ ۾ پشاور ۾ کنڊ 15 رپيا مهانگي آهي.
ڳڻپ واري اداري موجب ڪوئيٽا، اسلام آباد، لاهور، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ کنڊ 100 رپيا ڪلو آهي، جڏهن ته سيالڪوٽ، گوجرانوالا، ملتان ۽ سکر ۾ کنڊ 95 رپيا في ڪلو ملي رهي آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ ۾ کنڊ جي ايوريج قيمت 95 رپيا 67 پئسا في ڪلو تائين آهي ۽ هڪ ڪلو کنڊ جي قيمت گهٽ ۾ گهٽ 92 رپيا، جڏهن ته وڌ ۾ وڌ 110 رپيا آهي.
تفصيلن موجب هڪ هفتي ۾ کاڌي پيتي جي 15 شين جي اگهن ۾ واڌ ۽ 13 شين جي اگهن ۾ گهٽتائي ٿي، جڏهن ته 23 شين جي اگهن ۾ استحڪام رهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔