پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ بنا نتيجي ختم

سائوٿمپٽن : پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ بنا نتيجي ختم ٿي وئي.
سائوٿمپٽن ٽيسٽ جي آخري ڏينهن انگلينڊ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 110 رنسون ٺاهيون.
انگلينڊ طرفان ڪپتان جو روٽ 9 ۽ جوز بٽلر کاتو نه کوليو هو ته پنجين ڏينهن جي راند جي خاتمي جو اعلان ڪيو ويو.
ان کان اڳ زيڪ ڪريولي 53 ۽ ڊومينڪ سبلي 32 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته ايلو پوپ 9 ۽ روري برنس کاتو ئي نه کوليو.
پاڪستان طرفان محمد عباس 2، جڏهن ته ياسر شاهه ۽ شاهين آفريدي هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
واضح رهي ته پاڪستان پهرين اننگز ۾ محمد رضوان جي 72، عابد علي جي 60 ۽ بابر اعظم جي 47 رنسن جي مدد سان 236 رنسون ٺاهيون هيون.
ٽن ميچن جي سيريز ۾ ميزبان انگلينڊ کي 0-1 جي سرسي حاصل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔