ڪورونا وائرس جي تازن ڪيسن سبب نيوزيلينڊ ۾ پارلياماني چونڊون ملتوي

ويلنگٽن : نيوزيلينڊ ۾ 19 سيپٽمبر لاءِ طئي ٿيل پارلياماني چونڊون ڪورونا وائرس جا نوان ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ چئن هفتن لاءِ ملتوي ڪيون ويون آهن.
نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيسنڊا آرڊرن موجب ان دير جو مقصد سڀني سياسي جماعتن کي اهو موقعو فراهم ڪرڻ آهي ته اهي ڪورونا وائرس جي وبا باوجود محفوظ طريقي سان پنهنجي چونڊ مهم مڪمل ڪري سگهن.
گڏوگڏ ملڪي اليڪشن ڪميشن کي به قومي چونڊن جي تياري لاءِ وڌيڪ وقت ملي ويندو.
واضح رهي ته نيوزيلينڊ ۾ سئو ڏينهن کان وڌيڪ جي وقفي کانپوءِ گذريل هفتي عام شهرين ۾ ڪورونا وائرس انفيڪشن جا نوان ڪيس سامهون آيا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔