متحده عرب امارات ۽ اسرائيل وچ ۾ ٽيليفون سروس جي شروعات

دبئي: متحده عرب امارات(يو اي اي) ۽ اسرائيل وچ ۾ سڌو سنئون ٽيليفون سروس جي شروعات ٿي وئي آهي.
پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب اماراتي پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زايد ۽ اسرائيلي هم منصب غابي اشڪناري ٽيليفون لنڪ جو باقاعده افتتاح ڪيو.
شيخ عبدالله بن زاهد ۽ اسرائيلي پرڏيهي وزير غابي اشڪناري جلد ملاقات تي به اتفاق ڪري ورتو آهي. گذريل هفتي اسرائيل ۽ متحده عرب امارات وچ ۾ هڪ تاريخي امن معاهدو ٿيو هو جنهن کان پوءِ وچ اوڀر جي ٻنهي اهم ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا معمول تي اچي سگهن ٿا.
عالمي ميڊيا جي رپورٽن موجب معاهدي جي تحت اسرائيل مغربي ڪناري ۾ واقع فلسطين جي ان علائقن مان دعويٰ تان هٿ کڻڻو پوندو جنهن کي هو ضم ڪرڻ چاهي ٿو. شيخ محمد بن زايدالنهيان چيو هو ته صدر ٽرمپ ۽ وزيراعظم نيتن ياهو سان ٽيليفون تي ڳالهيون ٿيون آهن.
اسرائيل مغربي ڪناري جي وڌيڪ علائقن کي پاڻ سان گڏ شامل نه ڪندو. يو اي اي ۽ اسرائيل وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته متحده عرب امارات اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪندڙ ٽيون نار جو ملڪ بڻجي ويو آهي.
واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته اسرائيل ۽ يو اي اي ۾ تاريخي امن معاهدو ٿي ويو آهي. اسرائيل ۽ عرب امارات جا وفد ايندڙ هفتي ملاقات ڪندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔