ايم ايل ون منصوبي سان سماجي ۽ معاشي ترقي جو نئون بابت روشن ٿيندو:وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ايم ايل او منصوبي سان سماجي ۽ معاشي ترقي جو نئون بابت روشن ٿيندو .

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ايم ايل او ون منصوبي جي حوالي سان اجلاس ٿيو .جنهن ۾ منصوبي جي مختلف پهلوئن جو جائزو ورتو ويو .

اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان جوچوڻ هو ته ايم ايل او ون منصوبو سي پيڪ جو اهم منصوبو آهي .

عمران خان جو چوڻ هو ته ايم ايل او ون سان ريلوي جو نظام جديد ۽ مضبوط ٿيندو منصوبي سان نوڪرين جا هزارين موقعا پيدا ٿيندا .

سندس چوڻ هو ت ايم ايل او منصوبي سان صنعتي عمل وڌندو ، سفر ۽ مال برداري جي سهولت ملي سگهندي ان سان ڪاروباري ماڻهن لاءِ آسانيون پيدا ٿينديون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔