ڪينجهر تي پڪنڪ لاءِ ويل ڪراچي واسين جي ڍنڍ ۾ ٻيڙي اونڌي ،عورتن ۽ ٻارن سوڌو 10 ڄڻا ٻڏي فوت

ڪراچي: ڪينجهر تي پڪنڪ لاءِ ويل ڪراچي واسين سان حادثو پيش آيو آهي، ڪينجهر ڍنڍ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سوڌو 10 ڄڻا فوت ٿي ويا ، انتظاميا ۽ نجي ٽوٻن گڏيل ڪارروائي ڪندي 10 لاش ڪڍي ورتا، 5 ڄڻن کي زنده بچايو ويو، ان سلسلي ۾ پوليس چيو آهي ته ٻيڙي ۾ 12 کان وڌيڪ سوار هئا، ٻڏي ويل ٻين ماڻهن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ٻڌايو پيو وڃي ته حادثي جو شڪار بڻيل ڪٽنب جو تعلق ، ڪراچي جي علائقي محمود آباد سان آهي جيڪي پڪنڪ تي ڪينجهر ڍنڍ پهتل هئا.،واقعي جو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير نوٽيسي ورتو ۽ فوري طور تي متاثر خاندانن کي سهولت ڏيڻ ۽ واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔