اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ضمانت تي سوال اُٿاري ڇڏيا

اسلام آباد : نواز شريف جون 2 اپيلز التوا هيٺ آهن، 8 هفتن تائين ضمانت جو ڪهڙو اسٽيٽس آهي؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ضمانت تي سوال اُٿاري ڇڏيا، احتساب عدالت طرفان نواز شريف کي اشتهاري ڏوهاري قرار ڏيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته بظاهر هن عدالت جي فيصلي جي حد تائين جوابدار اشتهاري ٿي چڪو آهي، نواز شريف جي وڪيل جهانگير جدون چيو ته پنجاب حڪومت نواز شريف جي ضمانت ۾ واڌ ڪئي هئي، اُها ڪاپي وٽس موجود آهي، جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ڏيندي چيو ته پهرين اهو ڪليئر ڪريو ته نواز شريف ضمانت تي آهي يا نه، نواز شريف جي جيڪا سزا معطل ڪئي وئي هئي، ٻڌايو ته اُها سزا برقرار آهي يا نه؟ عدالت نواز شريف جي ضمانت جي اسٽيٽس بابت تفصيل طلب ڪري ورتا، ٻڌڻي خميس تائين ملتوي ڪئي وئي آهي. جڏهن ته اسلام آباد جي احتساب عدالت توشه خانا ريفرنس ۾ نواز شريف کي اشتهاري ڏوهاري قرار ڏيڻ بابت ڪارروائي روڪي ڇڏي، نواز شريف جي استدعا منظور، نواز شريف عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته احتساب عدالت جي فيصلي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي، هاءِ ڪورٽ جو فيصلو اچڻ تائين ڪارروائي روڪي وڃي، عدالت نواز شريف جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔