ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ نه ڏينداسين: سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ نه ڏينداسين، سنڌ جو ورهاڱو پاڪستان جي ورهاست آهي، ڪڏهن به ڪراچي کي وفاق حوالي نه ڪنداسين، ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندڙن آڏو ڄمي مقابلو ڪنداسين، ٽن وڏين جماعتن جي گڏجاڻي ۾ معاهدو ناهي ٿيو ۽ نه ئي ڪميٽي جوڙي وئي آهي، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ايگزيڪيوٽو جي اختيارن ۾ ڪنهن کي به شيئر نه ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته گڏجاڻين ۾ اسان واضح ڪيو ته ايگزيڪيوٽو جا اختيار ۽ وفاق جو ڪردار ٻئي ڪنهن کي به نٿو ڏئي سگهجي، وڏين جماعتن ۾ اڃا به گڏجاڻيون ٿينديون، ڪميٽي ٺهي ته اُن ۾ سياسي جماعتون نه، پر حڪومتن جا نمائندا شامل هوندا، وفاق سان ڳالهيون ڪرڻ گهرون ٿا ۽ اڳتي به جاري رهنديون، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران وڏي وزير چيو ته سنڌ اسان جي ماءُ آهي، جيڪو به ڌرتي ماءُ کي ٽڪرا ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندو، اُن جي اڳيان بيهي رهنداسين، آئين ۾ ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جي ڪابه ڳالهه نه آهي ۽ صوبن جون حدون طئه ٿيل آهن، جنهن جي به دماغ ۾ سنڌ جي ورهاڱي وارو خلل آهي، اُهو ڪڍي ڇڏي، اين ڊي اي چيئرمين آيو ۽ چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي هو نالن جي صفائي ڪرائڻ لاءِ آيو آهي، ساڻس 3 نالا صاف ڪرڻ جو طئه ٿيو هو، مڃون ٿا ته فنڊز نه عدم فراهمي سوڌو ٻين مسئلن سبب ڪراچي ۾ اطمينان جوڳو ڪم نه ڪري سگهيا آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔