قوم جي لُٽيل دولت واپس ڪرڻ کانسواءِ ڪو به دڳ نه آهي: مراد سعيد

اسلام آباد: مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد بلاول ڀٽو زرداري جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته قوم جي لُٽيل دولت واپس ڪرڻ کانسواءِ ڪو به دڳ نه آهي، هنن کي چوري جو حساب ڏيڻ لاءِ گهرايو ويندو آهي ته ڪارڪنن کي ڍال بڻائي ادارن کي ڌمڪائڻ ايندا آهن. جاري ڪيل بيان ۾ مراد سعيد چيو ته پهرين ڏينهن کان چئي رهيا آهيون ته اپوزيشن وارن جي سياست جو محور ئي پنهنجي چوري بچائڻ آهي، ڪرپشن ۽ چوري ۾ هنن کي گهرايو وڃي ٿو ته ادارن تي حملا ڪن ٿا. هن چيو ته سياسي بحث جو فورم پارليامينٽ آهي، جتان هي ڀڄي نڪرن ٿا، بلاول کي ڪيترائي ڀيرا ٽي وي تي بحث جي دعوت ڏني پر هنن ۾ اچڻ جي همت نه آهي. مراد سعيد چيو ته قوم کي شريفن ۽ زردارين جي سياسي تقريرن سان نه پر ڪرپشن بابت پڇيل سوالن جي جوابن ۾ دلچسپي سان آهي، ڦر ٿيل دولت جو جواب نه پ پ وٽ آهي ۽ نه ئي شريف جواب ڏئي سگهن ٿا. وفاقي وزير چيو ته رسيدون پيش ڪرڻ يا قوم جي لُٽيل دولت واپس ڪرڻ کان علاوه ڪو به دڳ نه آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔