سرڪاري زمين ڀڳڙن مٺ عيوض ڏيڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ سرڪاري زمين پيٽرول پمپس کي ليز تي ڏيڻ واري ڪيس ۾ رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته سرڪاري زمين ڀڳڙن مٺ عيوض ڏيڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جِي 3 رڪني بينچ سرڪاري ايراضي تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اين ايڇ اي سرڪاري زمين پيٽرول پمپس کي ليز تي ڏني آهي، جنهن تي جسٽس قاضي امين رمارڪس ۾ چيو ته اين ايڇ اي قانون کان مٿانهون نه آهي، اين ايڇ اي کي زمين ڪاروبار يا ڌنڌي لاءِ نٿي ڏئي سگهجي. جسٽس قاضي امين چيو ته هن ملڪ ۾ ماڻهن لاءِ به ڪجهه حق رهڻ ڏيو، سرڪاري جي زمين سان مذاق بند ٿيڻ گهرجي. چيف جسٽس گلزار احمد رمارڪس ۾ چيو ته 30 هزار سالياني ڪرائي تي اين ايڇ اي گرين بيلٽ تي پمپس ٺاهي ڏنا، گرين بيلٽ جي زمين پيٽرول پمپ لاءِ ڪيئن الاٽ ٿي؟ جيڪڏهن گرين بيلٽس تي پمپس ٺهيا آهن ته سمورا باغ به ليز تي ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ فيصل آباد ۾ سرڪاري زمين تي ٻن پيٽرول پمپس جو قبضو واپس وٺڻ جو حڪم ڏيندي پنجاب حڪومت کان چئن هفتن اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔