سنڌ حڪومت جا حڪم رد، ڪراچي ۾ مختلف هنڌن تي خانگي اسڪول کلي ويا

ڪراچي : ڪراچي پرائيويٽ اسڪول ايڪشن ڪميٽي سنڌ حڪومت جا حڪم ٿڏي مختلف علائقن ۾ اسڪول کولي ڇڏيا آهن، ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ انجنيئر عبدالرحمان چيو آهي ته ٻارڙن جي تعليم برباد ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ  اسڪول ايس او پيز تحت کوليا ويا آهن، تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني پاران کليل اسڪولز جا لائسنس رد ڪرڻ ۽ ڪارروائي جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اسڪول کولڻ جو فيصلو اين سي او جي حتمي فيصلي کانپوءِ کوليا ويندا. ڪراچي پرائيويٽ اسڪولز ايڪشن ڪميٽي سنڌ توڙي وفاقي سرڪار جا حڪم ٿڏي پاڻمرادو ڪيترائي اسڪول کولي ڇڏيا آهن. ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ انجنيئر عبدالرحمان چيو آهي ته ٻارڙن جو تعليمي سال بچائڻ لاءِ ايس او پيز تحت اسڪول کوليا ويا آهن. دي جي پرائيويٽ اسڪولز ڪراچي ۾ اسڪول لکڻ جي ترديد ڪندي چيو آهي ته ڪٿي به ڪو اسڪول ناهي کليو پر پوءِ به جاچ ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن تعليم واري صوبائي وزير اسڪول کولڻ جو نوٽيس وٺندي اسڪول کولڻ وارن جا لائسنس رد ڪرڻ ۽ سندن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. سعيد غني چيو آهي ته اسڪول کولڻ جو حتمي فيصلو اين سي او سي کي ڪرڻو آهي…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔