توشه خانا ريفرنس ۾ نواز شريف کي اشتهاري قرار ڏيڻ واري ڪارروائي ملتوي

اسلام آباد : اسلام آباد جي احتساب عدالت توشه خانا ريفرنس ۾ نواز شريف کي اشتهاري قرار ڏيڻ واري ڪارروائي ملتوي ڪري ڇڏي، نواز شريف کي فرد جرم ڪارروائي ۾ شامل ڪرڻ بابت فيصلو 25 آگسٽ تي ڪيو ويندو. اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ توشا خانا ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو وڪيل بئريسٽر جهانگير جدون عدالت ۾ پيش ٿيو.  جهانگير جدون ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته نواز شريف کي اشتهاري قرار ڏيڻ واري ڪارروائي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪئي آهي، ان تي فيصلو اچڻ تائين ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي. عدالت نواز شريف کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي 25 آگسٽ تائين روڪيندي نواز شريف جي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ واري درخواست منطور ڪري ورتي. عدالت چيو آهي ته نواز شريف کي اشتهاري قرار ڏيڻ يا ٽرائل ۾ شامل ڪري فرد جرم لاڳو ڪرڻ بابت فيصلو 25 آتسٽ تي ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔