ڀارت 500 رافيل جهاز به خريد ڪري، پاڪ فوج دشمن کي جواب ڏيڻ لاءِ تيارآهي:ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي : پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته ڀارت 5 بدران 500 رافيل جهاز به خريد ڪري، پاڪ فوج دشمن کي جواب ڏيڻ لاءِ هر وقت چوڪس ۽ تيار آهي.

راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته آزادي هڪ وڏي نعمت آهي، جنهن جو قدر والاريل ڪشمير جي مائرن کان پڇو، جيڪي پٽن کي پاڪستاني پرچم ۾ دفن ڪن ٿيون، ڀارت هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت ڪشميرين تي ظلم ڪري رهيو آهي، عورتن ۽ ٻارن جي حرمت کي پامال ڪيو پيو وڃي، والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن، گڏيل قومن جي مبصر گروپ ۽ عالمي ميڊيا کي والاريل ڪشمير وڃڻ جي اجازت ناهي.

هن چيو ته ڪشميرين خلاف ظلم تي سڄي دنيا ۾ آواز اٿي رهيو آهي، انساني حقن جي تنظيمن ۽ عالمي ميڊيا به ڀارتي ڏاڍ وائکو ڪيو، ڀارت ڪنٽرول لائن تي به معصوم شهرين کي نشانو بڻايو، 22 جولاءِ تي عالمي ميڊيا آزاد ڪشمير جو دورو ڪيو، جڏهن ته ڀارت طرفان انهن کي والاريل ڪشمير ۾ لائن آف ڪنٽرول تي وڃڻ جي اجازت ناهي، ڪنٽرول لائن ڀرسان گهرن ۾ شيلٽر ٺاهيا پيا وڃن، آزاد ڪشمير جي عوام جو تحفظ هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو.

سندس چوڻ هو ته تازي عالمي رپورٽ ۾ به ڀارت ۾ دهشتگرد گروپن جي نشاندهي ڪئي وئي، ڀارت اندروني ناڪامين کي لڪائڻ لاءِ خطي جو امن داءَ تي لڳائي ڇڏيو، ڀارت پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي ۾ ملوث آهي، ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج حملو هجي يا چيني قونصل خاني تي حملو، سڀني جا پيرا ڀارت ڏانهن وڃن ٿا، ڀارت هٿيار خريد ڪندڙ ملڪن ۾ سڀني کان اڳتي آهي پر جنگون اسلحي جي زور تي ناهن کٽبيون، ڀارت 5 بدران 500 رافيل جهاز به خريد ڪري، پاڪستان فوج دشمن کي جواب ڏيڻ لاءِ هر وقت چوڪس ۽ تيار آهي.

پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن جي بحالي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان افغانستان ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، افغانستان ۾ امن جو مطلب پاڪستان ۾ امن آهي، پاڪ افغان سرحد تي قدم کنيا پيا وڃن، 2611 ڪلو ميٽرن تي ڪنڊي دار تار جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، پاڪ ايران بارڊر تي به ڪنڊي دار تار لڳائڻ جو ڪم جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔