هي ٿيندا ڪير آهن بجلي بند ڪرڻ وارا؟ : چيف جسٽس جو ڪي اليڪٽرڪ تي ڪاوڙ جو اظهار

ڪراچي : 2 ڏينهن اڳ لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جو چيو ته ڪي اليڪٽرڪ وارن اڌ ڪراچي جي بجلي بند ڪري ڇڏي، هنن جو دماغ ٺيڪ آهي، هي ڪير ٿيندا آهن ته بجلي بند ڪرڻ وارا، سُپريم ڪورٽ طرفان ڪي اليڪٽرڪ تي شديد ڪاوڙ جو اظهارڪيو ويو، چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ماڻهن مرن ٿا ۽ هي وري هاءِ ڪورٽ وڃي 50 هزار رُپين عيوض ضمانت ڪرائين ٿا، هاءِ ڪورٽ اِن ڪم لاءِ ويٺي آهي، اسان ماڻهن کي هنن جي رحم و ڪرم تي نه ڇڏينداسين، نيپرا چيئرمين عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته گئس، فيول ۽ بجلي جي پيداوار تائين ڪي اليڪٽرڪ جا سمورا معاملا خراب آهن، چيف جسٽس چيو ته جنهن ڪمپني جو مالڪ جيل ۾ هجي، اُن مان ڪهڙي اُميد، اسان جي حڪومت جو حال ڏسو، اهڙي ڪمپني کي ڪراچي ڏئي ڇڏيو آهي، هنن کي جيلن ۾ ڪوبه مسئلو نه آهي، هي جيلن ۾ انجواءِ ڪندا آهن، پر جڏهن کيسي تي ڳالهه اچي ته ساهه نڪري ويندو اٿن، ڪي اليڪٽرڪ تي ڳرو ڏنڊ لڳڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔