سنڌ جي تعليم کاتي ڇهين کان اٺين ڪلاس تائين لاءِ نئين نصابي اسڪيم جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي: سنڌ جي تعليم کاتي ڇهين کان اٺين ڪلاس تائين لاءِ نئين نصابي اسڪيم جي منظوري ڏئي ڇڏي. سيڪريٽري پاران اسڪيم سال 21-2020ع جي منظوري لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. اسڪيم ڊائريڪٽوريٽ آف ڪرڪيولم، اسيسمينٽ اينڊ ريسرچ (ڊي سي اي آر) تيار ڪئي هئي. نئين نصابي اسڪيم ۾ نصاب، مضمون، انهن مضمونن جي مارڪن، اسڪول جو وقت، هفتيوار ٽائيم ٽيبل، مضمونن جو سيمپل ۽ پڙهائي جو شيڊول به ڏنو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔